سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران افتخار لنڊ جي گرفتاري لاءِ مظاهرو

دادلغاري (رپورٽ باقرپتافي) افتخار لنڊ پاران پنھنجي ملازم اللہ رکيو لنڊ مٿان وحشياڻي تشدد خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ايس ٽي پي جي اڳواڻن شاھنواز پتافي، ڄام معشوق سميجو، اياز حيدر پتافي ۽ خان زمان پتافي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود بدمست وڏيري کي گرفتار نه ڪرڻ جي مذمت ٿا ڪريون. صحافين سان ڳالھائیندی هنن چيو تہ ٻه ڏينھن گذري وڃڻ باجود بہ بااثر وڏيرو گرفتار نہ ٿي سگھيو آھي ۽ پوليس اڃا تائین وڏيرن جي ونگار۾ پوري آھي. هنن مطالبو ڪيو ته پوليس بنا دير ايف آءِ آر ۾ نامزد افتخار لنڊ کي گرفتار ڪري مظلوم ڊرائيور سان انصاف ڪيو وڃي. هنن چيو ته ايس ٽي پي مظلومن سان ھر ڏک م گڏ آھي ۽ وڏيري جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو. ياد رهي ته الله رکيو کي اوطاق تي گهرائي سندس ويهڪ واري جاءِ ۾ لوهي راڊ وڌي هئي ۽ هو زخمي حالت ۾ اسپتال داخل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو