سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون خلاف 6جون تي ڌرڻي جو اعلان

ڄامشورو (ن سنڌيار) سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون منصوبي خلاف بحريا ٽائون جي مک گيٽ اڳيان 6 جون تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس  جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عوامي جمھوري پارٽي جي صدر ڪرم حسين وساڻ، عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، جيئي سنڌ قومي محاذ جي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، پورھيت مزاحمت تحريڪ جي صدر سيد مسرور شاھه، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، نيشنل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري، جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، سنڌي ادبي سنگت جي جنرل سيڪريٽري احمد سولنگي، گل حسن ڪلمتي، سيد خدا ڏنو شاھه، پروفيسر مشتاق ميراڻي، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، نور احمد ميمڻ، روشن علي ٻرڙو، سيد زين شاھه، ايڊووڪيٽ مير احمد منڱريو  ۽  ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪنڌڪوٽ لڳ قبائلي تڪرار ۾ 9  بيگناھه انساني جانين جي نقصان تي ٻه منٽ خاموشي اختيار ڪئي ويئي. اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ اھڙن ٻين ھائوسنگ اسڪيمن جي صورت ۾ سنڌ تي ھڪ والار جو منصوبو جوڙيو ويو آھي. ان منصوبي جو مقصد سنڌ جي ساحلي پٽي کان ويندي ڪوھستان، کير ٿر ۽ ڪراچي کان حيدرآباد تائين زمين کي ھڙپ ڪري ۽ اُتي ڌاريا آباد ڪري سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آھي. ان منصوبي جي سنڌي قوم ڀرپور مزاحمت ڪندي. اجلاس ۾ متفقه راءِ اھو فيصلو ڪيو ويو ته بحريه ٽائون ۽ ٻين ميگا پروجيڪٽ ذريعي سنڌ جي زمينن تي والار جي خلاف عدالتي، سفارتي ۽ سياسي جدوجھد ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف جدوجھد ڪئي ويندي.اجلاس ۾ اھو مطالبو ڪيو ويو ته 4 مئي 2018ع تي آيل سپريم ڪورٽ جي فل بيئنچ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. جنھن ۾ اھو واضع آھي ته بحريه ٽائون کي ڏنل پوري زمين غيرقانوني آھي ۽ ان قبضي ۾ ملوث سڀني ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اھا سموري الاٽ ٿيل زمين رد ڪئي وڃي.اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي عملدرآمد بيئنچ جي فيصلي تي خدشن جو اظھار ڪيو ويو ۽ ان کي سنڌ جي خلاف فيصلو تصور ڪيو ويو، ان فيصلي خلاف عدالتي جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ متفقه طور تي فيصلا ڪيا ويا ته بحريه ٽائون خلاف عدالتي جدوجھد لاءِ 2 رڪني ڪميٽي ايڊووڪيٽ مير احمد منڱريو ۽ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو  تي جوڙي وئي.جيڪي سپريم ڪورٽ ۽ ھائيڪورٽ جي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ٻين سنڌ دوست وڪيلن سان رابطو ڪري عدالتي فورم تي سنڌ جي زمينن تي قبضي خلاف عدالتي جنگ وڙھندا، سفارتي محاذ تي جدوجھد ۽ سنڌ ۾ ھائوسنگ اسڪيمن جي صورت ۾ ٿيندڙ والار ۽ سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرن خلاف يونائيٽيڊ نيشن ۽ ٻين سفارتڪارن اڳيان سنڌ جو ڪيس رکندا، ان بابت ھڪ گڏيل ذرافٽ تيار ڪرڻ لاءِ پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، پروفيسر مشتاق ميراڻي، گل حسن ڪلمتي ۽ سيد مسرور شاھ تي مشتمل 4 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان 23 مئي تي انڊيجينيئس رائيٽس الائنس جي ميزباني ھيٺ ڪراچي ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي قيادت شريڪ ٿيندي ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي ۾ شامل سڀني سياسي جماعتن جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾  رٿيل احتجاجي مظاھرن ۾ شرڪت ڪندا.ان موقعي تي سيد جلال محمود شاهه جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون منصوبي تحت لکين ڌاريا آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، بحريا ٽائون منصوبي خلاف عدالتي، سفارتي ۽ سياسي جدوجهد ڪئي ويندي.سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته  بحريا ٽائون جي زمين کي غير قانوني قرار ڏئي الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي، بحريا ٽائون خلاف عدالتي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا عدالت ۾ ڪيس وڙهندي، جڏهن ته سفارتي لاڳاپا استعمال ڪري دنيا آڏو اهو ڪيس رکيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو