سنڌ اندر ڪوهيڙي سبب روڊ حادثن ۾1 ڄڻو فوت، 12 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر شديد ڪوهيڙي ڪري روڊ حادثن ۽ ٻين واقعن ۾ 1 ڄڻو فوت ۽ 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ٿڌ ۾ واڌ سبب ڪيترائي ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ رهي، اسڪولي ٻارڙن، شهرين ۽ مزدورن کي تمام گهڻيون مشڪلاتون پيش آيون. ان حوالي سان نوشهروفيروز مان مشتاق مري موجب قومي شاهراه تي سڌوجا وٽ شديد ڪوھيڙي سبب ٽرالر ۽ سکر ويندڙ مسافر وين ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا علي اصغر مگسي، ممتاز ڏيپر، انور ٻوهيو، پوليس انسپيڪٽر ديدار سهتو، محبت چانڊيو، صحافي غلام اصغر جوڻيجو، لکمير اوڏ۽ مسمات حوا سولنگي زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال نوشھروفيروز داخل ڪيو ويو آھي. *** مورو مان اياز سولنگي مطابق قومي شاھراھ تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳو جنھن جي نتيجي ۾ پورهيت نوجوان محمد ياسين ٻرڙو موقعي تي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش مورو اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي اسپتال ۾ ضروري گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

نوجوان جو لاش گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو پورهيت محمد ياسين ٻرڙو پيٽرول پمپ تي هيلپر هو رات جي ڊيوٽي ڪري موٽر سائيڪل تي گھر وڃي رهيو هو ته اھڙو حادثو پيش آيو هوڏانهن درس پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. *** پڊعيدن مان مجاهد شر مطابق پڊعيدن سميت مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي جڏهن ته ٿد ۾ واڌ ۽ شديد ڪوهيڙي سبب اسڪولي شاگردن سميت ڪم ڪار سان ايندڙ ويندڙ ماڻهو سخت پريشان رهيا. پڊعيدن محڪمه موسميات مطابق ڪوهيڙي جي حد نگاھ 300 ڦٽ تي پهچي وئي۔ گرمي پد 7 سينٽي گريڊ ۽ نمي 93 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي. سيپڪو واپڊا جا 6 فيڊر ڪوهيڙي سبب  11 ڪلاڪن کان بند. آهن. *** ميپورخاص مان سيد بشير شاهه مطابق ميرواھ روڊ تي تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر  لڳو جنهن جي نتيجي ۾ ڪوٽ غلام محمد جو رهائشي محڪمه صحت جي ملازم 30 سال نياز محمد عرف شير محمد فوت 40 سال جي محمد يوسف عرف محمد يعقوب جون ٽنگون ٽٽي پيون.

ٻئي طرف ڪنگورو ويجهو موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميرپورخاص جا رهواسي 10 سالن جي مريم ۽ 45 سالن مسمات سريه آرائين زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تعلقه اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کين طبي امداد ڏيڻ بعد سريه کي حيدرآباد ريفر ڪري ڇڏيو جڏهن ته موٽرسائيڪل هلائيندڙ محمد وقاص معجزاڻي طور بچي ويو.*** پکو مان عبدالوحيد ميئو مطابق شھر ۽ آسپاس جي علائقي ۾ ڪوھيڙي جي ڌنڌ سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آھي صبح سوير پوندڙ ڪوھيڙي ماڻھن کي گھرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري اسڪولن ۽ سرڪاري ادارن جي آفيسن ۾ حاضري انتھائي گھٽجي وئي آھي. ڪوھيڙ ۽ ٿڌ ۾ واڌ سبب پکو وايه لاڙڪاڻو مين انڊس ھاءِ وي روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي عام مسافر گاڏين جو ھلڻ بند ٿي ويو آھي مسافر گاڏيون پکو اسٽاپ تي قطارن جي صورت ۾ بيھجي ويون جڏھن ته ڪوھيڙ سبب پکو جي لنڪ روڊن تي موٽر سائيڪلن جي ٽڪر جي حادثن جا پڻ اطلاع مليا آھن. 24 ڪلاڪن کان پوندڙ ڪوھيڙي ۽ گھم سبب علائقي جي بجلي ٽرپ ٿي وئي آھي جنھن ڪري علائقو اونداھي جي لپيٽ ھيٺ آھي ۽ مواصلاتي نظام پڻ فيل بڻيل آھي. ٻئي طرف ڪوھيڙ سبب ٿڌ ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ماڻھن گرم شيون واپرائڻ تي زور ڏئي ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو