سنڌ اندر ڪورونا پابندين ۾ ٻن هفتن جي واڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سموري سنڌ ۾ ڪورونا وائرس کي نظر م رکندي  صوبي ۾ لاڳو پابندين کي وڌيڪ 2 هفتن تائين برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن ۾  صوبائي وزيرن، طبي ماهرن، پوليس اختيارين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري صحت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 15 کان 21 مئي تائين ڪراچي ۾ 13.97 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا. حيدرآباد ۾ 10.83 سيڪڙو ۽ باقي ضلعن ۾ 5.40 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيا. سيڪريٽري صحت ٻڌايو ته هفتيوار رپورٽ جي حساب سان ڪراچي شرقي ۾ 15 سيڪڙو ڪيس آهن. وسطي ۾ 13 سيڪڙو، ملير ۽ غربي ۾ 10 سيڪڙو ڪيس آهن. جڏهن ته حيدرآباد ۾ 11 سيڪڙو ۽ سکر ۾ 8 سيڪڙو ڪورونا ڪيس آهن.اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وائرس سبب گذريل 30 ڏينهن ۾ 213 مريض فوت ٿي چڪا آهن جن مان 164 مريض وينٽي ليٽر تي هئا ۽ 26 مريض گهرن ۾ فوت ٿي ويا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾  ڪالهه سڀني کان وڌيڪ 24239 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جنهن ۾ 2136 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. 13 مئي يعني عيد تي ڪورونا جا 1232 ڪيس هئا ۽ ان وقت سنڌ ۾ سڃاڻپ جي شرح 8.8 سيڪڙو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عيد کان پوءِ ڪيسز جي شرح لاڳيتو وڌي رهي آهي.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ صحت واري وزير عذرا پيچوهو موجب 19 مئي تي 2076 ڪيس ۽ 21 مئي تي 2136 ڪيس رپورٽ ٿيا. وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سموري صوبي ۾ ڪورونا جون پابنديون ايندڙ 2 هفتن تائين برقرار رهنديون. ترجمان ٻڌايو ته پابندين جي تحت سياحتي مرڪز، سي ويو، هاڪس وي، تفريحي پارڪ 2 هفتن جي لاءِ بند رهندا. جڏهن ته سنڌ ۾ واڪنگ ٽريڪ کليل رکيا ويندا. ترجمان موجب دڪانون سومر کان شام 6 وڳي تائين ايس او پيز تحت کليل رهنديون ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور به شام 6 وڳي تائين کليل رهندا. جڏهن ته صوبي جا سمورا شادي هالز بند رهندا.هوٽلن م ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ بند رهندي. صرف ٽيڪ اوي جي اجازت هوندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انٽرسٽي ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون ۽ انٽرسٽي ٽرانسپورٽ ۾ ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. ترجمان موجب صوبي ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي ڪيو ويندو. ان کان علاوه تعليم واري وزير کي تعليمي ادارن ۾ استادن کي ويڪسينيشن ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو