سنڌ اندر ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57هين سالگرهه ملهائي وئي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57هين جنم ڏينهن جي حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪارڪنن طرفان تقريبون منعقد ڪري سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويا. مٽياري مان رياض چانڊيو مطابق ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57 هين سالگره جو ڪيڪ ايس ٽي پي هائوس تي ڪٽيو ويو. سالگره جو ڪيڪ ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي هٿن سان ڪٽيو. سالگره تقريب ۾ ايس ٽي چيئرمين جا فرزند محمد مگسي ۽  مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر حميد ميمڻ، محمد علي ابڙو، هوت خان گاڏهي کان سواءِ صحافين جي ايم بابو خاصخيلي، رياض چانڊيو، عبدالغفور ملاح، ضمير حسين خاصخيلي، علي فيضان خاصخيلي، اسدالله ميمڻ، شبير ملاح ۽ واجد خاصخيلي پڻ موجود هئا ان موقعي تي ايس ٽي پي سربراھ جو چوڻ هو ته ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي جي بيوقتائتي وفات سبب سالگره جي تقريب سادگي سان ملهائي رهيا آهيون سنڌ سان وفاداري مون سان وفادري آهي سنڌ سان سچائي مونسان سچائي آهي جيڪو چاهي ٿو مونسان سچو رهي ان کي سنڌ سان سچائي ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته جن سنڌ سان بيوفائي ڪئي سنڌين تي ظلم ڪيا اڄ اهي نشان عبرت بڻجي رهيا آهن جن چيو پئي ته اسان جي طاقت ڪراچي ۾ ڏسو اڄ اهي فوج کي پنهنجي بچاءَ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي ايس ٽي پي تعلقي مٽياري پاران ايس ٽي پي هائوس بائو ديرو ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگره جو ڪيڪ ڪٽيو ويو. سالگره جو ڪيڪ ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو، ضلعي اڳواڻن رسول بخش سولنگي، حڪيم نوحپوٽو ۽ ٻين ڪارڪنن گڏجي ڪٽيو. *** نوشهروفيروز مان مشتاق مري مطابق سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوشهروفيروز پاران پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي جنم ڏينهن جي حوالي سان تقريب ٿي. تقريب ۾ تعلقي صدر اقبال راڄپر، پريس ڪلب جي صدر ايم ظفر تڳر ۽ ٻين ڊاڪٽر قادر مگسي جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪٽيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي تعلقي صدر اقبال راڄپر چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي سدائين سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سنڌ اندر سياست ۾ متحرڪ ترين شخص آهي ۽ جڏهن به سنڌ خلاف ڪا سازش ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر قادر مگسي جنگ جوٽي بيهندو آهي جنهن ڪري کيس مزاحمتي جنگ جي سرواڻ جو خطاب به مليو.

هن چيو ته ڊاڪتر قادر مگسي پارٽي ڪارڪنن ۽ سنڌ لاءِ ڇپر ۽ ڇانوَ آهي ۽ ان جي هوندي ڪوبه سنڌ دشمن سنڌ ڏانهن ميري اک کڻي نه ٿو سگهي. *** جاتي مان محمد صديق ٻارڻ مطابق ڊاڪٽر قادر مگسي جي سالگرھ جي تقريب ايس ٽي پي هائوس جاتي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي. انھي موقعي تي سالگرهه  جو ڪيڪ ڪٽيندي اڳواڻ اشرف ٿهيم، عبدالرزاق ٿهيم، سليم ٿهيم ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو اسان جي قائد هميشه حق سچ جي ڳالھ ڪندي حڪمرانن سان مهاڏو اٽڪايو اڄ انهيءَ بهادر اڳواڻ جي سالگرھ آهي جيڪو سنڌ جي خاطر پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. *** لعلورائنڪ مان عبدالحق تنيو مطابق سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57هين سالگرھ ڳوٺ پيچوها ۾ مرڪزي اڳواڻ گوتم چنه جي سربراهي ۾ ملهائي وئي.

ان موقعي تي ڪامريڊ حيات تنيو، دلبر پيچوهو، جبران ڇٽو، مرتضى چانڊيو، فياض ٻوهيو، ممتاز شيدي، غلام نبي ٻوهيو، حافظ نويد ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي سموري زندگي سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ عملي جدوجهد جو هڪ مثال آھي اڄ کان 30 سال اڳ ڊاڪٽر قادر مگسي جيڪي ڳالهيون چيون اهي سڀ سچ ثابت ٿيون آھن ايم ڪيو ايم  هڪ نسل پرست ۽ دهشتگرد تنظيم آھي جنهن جو مقصد سنڌ جي ورهاست آھي جيڪا اسان ڪڏهن به برداشت نه ڪنداسين. *** ميرپورماٿيلو مان ظهير وسير مطابق ايس ٽي پي سربراھ لوئي ۽ لڄ  جو محافظ سنڌ ڌرتي جي عاشق ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57 هين سالگرھ جي تقريب ايس ٽي پي هائوس ڏھرڪي ۾ ٿي گذري جنهن ۾ مهمان خاص ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتح سميجو، ضلع صدر زاهد ميراڻي هئا جتي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب ۾ ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن عاجز گبول، علي گوهر گبول، ڄام معشوق سميجو، نواز جلباڻي، شڪور ڇڄڻ، معروف سميجو، آفتاب شر ۽ ٻيا وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا جتي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي ۽ سنڌين جي حقن لاءِ هميشه اڳتي ئي رهيو آهي. *** سجاول مان شبير ملاح مطابق سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57 ھين سالگرھ جي حوالي سان پريس ڪلب سجاول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڪارڪنن پاران سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي سجاول جي اڳواڻ سھيل احمد ابڙو، ممتاز علي لغاري، الھ بخش پارھيڙي، نظير ھٿيار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي ھميشه سنڌ جي ھر اھم مسئلن تي آواز اٿاريو آهي ھو سنڌ جو سچو ھيرو آهي. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 57 هين سالگره ايس ٽي پي هائوس ۾ ملهائي وئي.

تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن سرواڻ لاشاري، ماما امير بخش سومرو، آدرش سنڌي، غفور ٻرڙو، جاويد ساغر، وهاب بنگلاڻي، اصغر لاشاري، محمد بخش بروهي، رحيم نوناري، ظفر لاشاري، ياسين گوپانگ، رحمن کوسو، علي بخش ٻرڙو، خليل لاشاري ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر قادر مگسي هڪ بهادر، ثابت قدم ۽ روشن خيال قومپرست اڳواڻ آھي هن قومپرست سياست کي عوامي گس ڏيندي هارين ۽ پورهيتن کي سياست ۾ متحرڪ ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي ڊاڪٽر صاحب جي سياست جو محور رڳو سنڌ آھي هو مسلسل سنڌ لاءِ جاکوڙي رهيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو