سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جو گوڙ ۽ هنگامو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيندڙ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس اپوزيشن جوهنگامو ۽ گوڙ، اپوزيشن طرفان حڪومتي ڌُر تي ميمبرز جي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏائڻ جو الزام لڳايو ويو. پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي حليم عادل شيخ ۽ اسپيڪر وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي پئي. اسپيڪر آغا سراج دُراني جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي اجلاس گهرائڻ تي اعتراض واريندي چيو ته ميمبرز جي جعلي صحيحن سان اجلاس سڏايو ويو آهي، اُن تي 50 لک رُپيا خرچ ڪيو ويو. اسپيڪر چيو ته هي اجلاس غيرقانوني نه پر رولز تحت سڏايو ويو آهي. اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ کانپوءِ ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اپوزيشن طرفان ”ظالمو جواب ڏيو، عوام کي حساب ڏيو“ جا نعرا هنيا ويا. دُعا ختم ٿيندي ئي حليم عادل شيخ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر ۽ سندس وچ ۾ منهن ماري ٿي، اسپيڪر آغا سراج دُراني طرفان کيس پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي پي ٽي آءِ ميمبرز احتجاج ڪيو ۽ ايوان ۾ شور شرابو ۽ گوڙ ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو