سنڌوءَ ۾ چاڙهه ڪچي جا ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) سنڌ درياهه ۾ ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ بعد سرحد جي ڪچي ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي سنڌو درياه ۾ سرحد وٽ چاڙھ اچي وڃڻ سبب سرحد جا نور لکڻ، قربان انڍڙ، الله رکيو، ساماڻو چاچڙ، نظيربوهڙ، سميت ٻيا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، جنهن سبب ڪيترائي گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، پاڻي ۾ چاڙه سبب ڪچي ۾ پوکيل ڦٽي توڙي ڪمند جو ڪيترو ئي فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويو آھي، جڏھن ته درياه ۾ چاڙھ سبب ڳوٺاڻن پاران لڏپلاڻ شروع ڪئي وئي آھي، مگر انتظاميا طرفان انهن جي ڪا به مدد ناهي ڪئي وئي ڪيترا ئي ڳوٺاڻا ٻوڏ اچڻ بعد ڪچي کان پڪي طرف منتقل ٿيڻ بعد پنهنجن مائٽن ڏانهن منتقل ٿي ويا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو