سني اتحاد پاران احمد خان مخالف ڌر جو اڳواڻ نامزد

لاھور (ويب ڊيسڪ)سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا ملڪ احمد خان ڀچر کي اپوزيشن ليڊر ۽ معين رياض قريشي کي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر پنجاب اسيمبلي ۾ نامزد ڪيو آهي.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار چونڊن ۾ ڪاميابي بعد سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي ويو هو.ڊان نيوز موجب سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا نامزدگين جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو.صاحبزاده حامد رضا چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻ اسلم اقبال کي حلف کڻڻ جي اجازت نه ڏيڻ لاقانونيت جي انتها آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو