سني اتحاد کي هفتي اندر سيٽون نه ملڻ جي صورت ۾ ٻين کي ملندو

اسلام آباد (بيورو) ذريعن ٻڌايو آهي ته پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبرن جي شموليت کانپوءِ جيڪڏهن ايندڙ هفتي تائين سني اتحاد جي مخصوص سيٽن جي درخواست تي فيصلو نه ٿيو ته سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهايون وينديون.سني اتحاد ڪائونسل ۾ مخصوص سيٽن لاءِ پي ٽي آءِ ميمبرن جي شموليت کانپوءِ پنجن ئي اسيمبلين ۾ حلف برداري جو عمل جمعي کان شروع ٿي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ترجمان دي نيوز کي ٻڌايو ته ڪميشن ايس آءِ سي جي قانوني ونگ کي درخواست ڪئي آهي ته هو چونڊ عمل شروع ڪري. ان مقصد لاءِ ڪميشن کي اڃا تائين اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن جي حوالي سان سني اتحاد ڪائونسل کي اسيمبلي سيٽون ڏنيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو