سم نالي کي لڳل 3 گهارن مان ڳوٺاڻن هڪ بند ڪري ورتو

ٽنڊوباگو(رپورٽ: ڄام سھيل سمون) ٽنڊوباگو کان 20 ڪلوميٽر پري سم نالي 17 ايل کي ٽن مختلف هنڌن تان پيل گهارن مان هڪ گهارو ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ٻڌي ورتو، ٻه گهارا بند ٿي نه سگهيا، لڳل گهارن سبب 30 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، هزارين ايڪڙن تي بيٺل سارين، ڪپھ، مرچ، ٽماٽو ۽ ٻيا فصل پاڻي مٿان ورڻ ڪري ٻڏي ويو، آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان. خبر موجب ٽنڊوباگو کان 20 ڪلو ميٽر پري سم نالي 17 ايل کي ڳوٺ احمد اڍيجو وٽان 30 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ احمد اڍيجو، ڳوٺ ڪانڊيرو بجير، ڳوٺ وڪيو ملاح ،ڳوٺ گهرام چانڊيو سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا. جڏهن ته ڳوٺ پيارو لنڊ وٽان سم نالي 17 ايل کي 20 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ پيارو لنڊ، ڳوٺ علي مراد رند، ڳوٺ ڏنو ملاح، ڳوٺ سڄڻ سميجو، ڳوٺ محبوب شاھ سميت 12 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا هئا، ان کان سواءِ ڳوٺ بکو چانڊيو وٽان سم نالي 17 ايل کي ڳوٺ بکو چانڊيو وٽان 25 فوٽ گهارو پوڻ سبب ڳوٺ عارباڻي چانڊيو، ڳوٺ نواز چانڊيو، ڳوٺ شريف خاصخيلي سميت ديه سينهائو جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جن مان ڳوٺ بکو چانڊيو وٽان سم نالي کي لڳل گهارو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت بند ڪري ورتو آهي. جڏھن ته ڳوٺ احمد اڍيجو ۽ ڳوٺ پيارو لنڊ وٽان سم نالي 17 ايل کي لڳل گهارا تاحال بند نه ٿي سگهيا آهن. ڳوٺاڻن غلام قادر لنڊ، عرس بجير، ۽ وڪيو ملاح ´´ سنڌيار “ سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گھارن لڳڻ ڪري هڪ طرف سندن ڪروڙين روپين جا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن ۽ ٻي طرف 30 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، گهارن جو پاڻي ڳوٺن جي گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي جنھن ڪري ڳوٺاڻا پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن چيو ته اسان بار بار ڊرينج کاتي جي آفيسرن کي گهارن کي بند ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون آهن پر ڪوبه آفيسر اسان جي ٻڌڻ لاء تيار ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو