سميعه کوسو جي قاتلن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

مدئجي (ن س) امروٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله بخش کوسو جي 8 سالا معصوم نينگري سميعه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي سندس وارثن ۽ مائٽن سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. سميعه کي جنسي حوس جو نشانو بنائڻ بعد قتل ڪيو ويو هو. ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ٿيا. معصوم نينگري جي وارثن عبدالغفور کوسو جانثار کوسو ڪريم بغش کوسو۽ ٻين ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ايس ايڇ او امروٽ عجيب ککراڻي توڙي ڊي ايس پي مدئجي ذوالفقار پٺاڻ جوابدارن کان 7 لک وٺي بااثرن جي معرفت ڪيس لئي مٽي ڪرڻ چاھن ٿا، پر اسان ائين ٿيڻ نه ڏينداسي. ھنن وڌيڪ چيو ته جيسين تائين معصوم نينگري جا قاتل گرفتار نه ٿيندا تيسين تائين سکر لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ھوندو ٻئي طرف سکر لا ڙڪاڻو روڊ بلاڪ ھجڻ سبب ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيٺل ھجڻ ڪري مسافرن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت مشڪلات آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو