سمورو عملو جي موقعي تي موجود رهي: سي اي او

ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران عوام جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي واٽر بورڊ جي سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرز واٽر ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرز سيوريج کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي تہ عيد الاضحيٰ جي موڪلن دوران پنهنجي عملي سان گڏ پنھنجي ڊيوٽي تي موجود رهن تہ جيئن شهرين کي درپيش پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪري کين بهتر سهولتون فراهم ڪري سگھجن جڏهن تہ سمورن ضلعن جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئرن کي فوڪل پرسن مقرر ڪري پابند ڪيو ويو آهي تہ اھي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي پاڻي ۽ نيڪالي جي مسئلن جي حل لاءِ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين سان رابطي ۾ رھندي انھن سان ڀرپور تعاون ڪن ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ هوء عيد الاضحيٰ جي موڪلن دوران انهن سمورين هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪندي پنهنجا موبائيل فون کليل رکن تہ جيئن ڪنھن هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏئي سگهجي ان کان علاوه سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان سمورين شڪايتن جو ازالو ۽ هلندڙ ڪمن جي سڌي ريت پاڻ نگراني ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو