سمنڊ جي مسلسل چاڙه سبب ڊيلٽا تباه 32 لک ايڪڙ ايراضي سمنڊ پائي ويو

ڳاڙهو (سلطان کٽي)ڪيٽي بندرسمنڊ ۾ مسلسل چاڙه سبب ڊيلٽا تباه 32 لک ايڪڙ ايراضي سمنڊ پائي ويو کاروڇاڻ انساني آبادي کان خالي ٿي ويو ٺٽي ضلعي جو کارو ڪڏهن خوشحآل هو اهو هاڻ ماضي جو ناقابل اعتبار داستان ٿي رهجي ويو آھي درياء سنڌ ۾ مٺي پاڻي جي نه اچڻ سبب سمنڊ جو پاڻي موج مستين سان اڳتي وڌي رهيو آھي ماهرن موجب سمنڊ جو کاروپاڻي هن وقت زيري زمين ٽنڊو محمد خان تائين پهتل آھي جنهن سبب ٺٽي جي ساحلي پٽي جون زرعي زمينو بري طور متاثر ٿيون آھن زراعت تباه ٿي رهي آهي ٻئي طرف سمنڊ جي پاڻي کي اڳتي اچڻ کان روڪڻ جا جوڳا بندو بست نه هئڻ ڪري سمنڊ هن تائين گڏ ڪيل انگن اکرن موجب ٺٽي ۽ بدين ضلعن جي 32 لک زرعي ايراضي ڳڙڪائي چڪو آھ جڏهن ته لکين ايڪڙ زرعي ايراضي بنجر ڪري ناقابل آبادي ڪري ڇڏي آھي جڏهن ته ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي جزيرن ڪنارن ۽ ٻيٽن تي صدين کان آباد لکن جي تعداد ۾ انساني آبادي پنهنجا اباڻا ماڳ مڪان ڇڏي خبر ناهي ڪٿي وڃي پناه ورتي آھ هڪ سروي مطابق کاروڇاڻ ۾ هن وقت صرف 1500 ماڻهون رهن ٿا جتي جتي 1980 تائين ڏيڍ لک انساني آبادي رهندڙ هئي کاروڇاڻ جي 45 ديهن مان صرف 3 ديهون ڪيٽي بندر جي 44 ديهن مان صرف 7 آباد آھن باقي ديهون سمنڊ پائي ويو آھي جي هن بي چراغ آھن ڳاڙهو شهر کان 1970 تائين سمنڊ 15 ڪلوميٽر ڏور هيو  جيڪو هن وقت 3 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڪاريهر جيان ڪر کڻي بيٺو آھي هن سڄي تباهڪاري کي روڪڻ لاء وقت جي حاڪمن اعلانن کانسواء ڪجه به ناهي ڪيو اگر وقت جي حاڪمن جي هي مجرماڻي خاموشي جاري رهي ته ايندڙ 10 سالن اندر ساحلي پٽي پنهنجي تاريخي نقشي تان مٽجي ويندي وڏو انساني سانحو پيش اچي سگهي ٿو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو