سماجي پروگرام هلايو، آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي زور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کانسواءِ به غريب عوام لاءِ سماجي پروگرام هلايا وڃن.آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان کي ڪمزور طبقي جي سماجي تحفظ جا وڌ کان وڌ قدم کڻڻ گهرجن ۽ سماجي پروگرام هلائڻ لاءِ پاڪستان کي مسلسل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ڪمزور طبقي لاءِ محفوظ بجلي ۽ گئس ٽريف سليب جاري رهڻ گهرجي. آءِ ايم ايف موجب هلندڙ مالي سال سيپٽمبر ۾ صحت ۽ تعليم جي خرچن جو هدف پورو ڪيو ويو پر نگران حڪومت محدود صلاحيت سبب ڊسمبر جو هدف پورو نه ڪري سگهي، چونڊيل حڪومت مالي سال جي آخر تائين سماجي تحفظ جا خرچ جاري رکي. عالمي مالياتي فنڊ چيو آهي ته بي آءِ ايس پي بهترين مڪينزم سان فوري طور مدد فراهم ڪندڙ پروگرام آهي پر ان پروگرام جي انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ گهرجي، پروگرام ۾ ورهاست جي طريقي ڪار ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ جي گنجائش موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو