سماجي اڳواڻ علي نواز تڳر جي ٽئين ورسي، سندس خدمتن تي خراج پيش

نوشهروفيروز (ڊ ر) ناليواري سماج سڌارڪ سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز جي اڳوڻي سيڪريٽري استاد علي نواز تڳر جي ٽين ورسي سندس اباڻي ڳوٺ گل محمد تڳر ۾ علي نواز يادگار ڪاميٽي پاران ملهائي وئي.ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري ليکڪ گل مورو، ساگر يوسف منگي، زاهد راڄپر، مشتاق مري، ممتاز سولنگي، مراد علي مري، عبيدالله تڳر، امان الله تڳر، سهيل راڄپر، نور محمد بهڻ ۽ ٻين  چيو ته علم، ادب، سياست ۽ سماج جي خدمت ڪرڻ علي نواز تڳر جو مشن هو هن امام انقلاب عبيدالله سنڌي جي فڪر سنڌ سنڌين جي آهي انهيءَ سوچ کي سڄي سنڌ ۾ ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙا ئي ماڻهو سنڌ کي سنواري سگهن ٿا ۽ سنڌ کي اهڙن ئي سماج سڌارڪن جي ضرورت آهي. هنن چيو ته علي  نواز علم جو ڀانڊار هو هن غربت هوندي به غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪئي کوڙ سارن مسڪينن ٻارڙن کي پڙهايو ۽ کين روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي. ٻولي تحريڪ هجي يا وري وطن جي فڪر واري واٽ هجي ان تي هن پنهنجو پاڻ ملهايو اهڙا ماڻهو تاريخ ۾ هميشهه ياد رکيا ويندا آهن. هنن چيو ته جنهن ماڻهو جي سوچ تخليقي هجي ۽ جنهن ماڻهو جو ذهن وطن پرست هجي اهو ماڻهو وڃڻ کان پوءِ به وسري ناهي سگهندو استاد علي نواز استاد هوندي علم ۽ ادب جي آبياري لاءِ ڪردار ادا ڪيو ان جون علمي ادبي ڪاوشون ڪڏهن به وسري نه ٿيون سگهن استاد علي نواز جون علمي خدمتون ڪڏهن به وسري ناهن سگهيون هن پنهنجي حياتي ۾ سنڌ سماچار رسالو آڻي گوبند مالهي، صوفي شاهه عنايت، جي ايم سيد جهڙن سپوتن جا خاص شمارا آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ماما قدير نوشهروفيروز لانگ مارچ ڪري پهتو هو ته ان جي آجيان ۽ مهمان نوازي ڪرڻ وارو هي سنڌ جو سپوت علي نواز تڳر هو. ان موقعي تي نجيب الله تڳر، منير وسطڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو