سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ جي مزدور طبقي لاءِ تباهي ثابت ٿي،بلاول

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سليڪٽڊ حڪومت ملڪ جي محنت ڪش طبقي لاءِ تباهي ثابت ٿي.گذيل اڍائي سالن ۾ لکين ماڻهن کي بيروزگاري ۽ غربت طرف ڌڪيو ويو آهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مزدورن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو آهي.مزدورن جي لاءِ هزارين گهرن تي  ٻڏل مزدور ڪالونيون به تعمير ڪيون ويون. سليڪٽڊ حڪومت صرف بيروزگاري ۽ غربت کي وڌايو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته گذريل اڍائي سالن ۾ لکين ماڻهن کي بيروزگاري ۽ غربت طرف ڌڪيو ويو آهي. پيپلز پارٽي مزدورن ۽ محنت ڪش طبقن جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو