سليمان شهباز عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

سليمان شهباز عبوري ضمانت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

لاهور)ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد وزيراعظم شهباز شريف جي پٽ سليمان شهباز عبوري ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ نامزد جوابدار سليمان شهباز ضمانت لاءِ اسپيشل ڪورٽ سينٽرل پهچي ويو.سليمان شهباز پاران داخل ڪرايل عبوري ضمانت واري درخواست ۾ ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي غلط طور تي نامزد ڪيو ويو، عدالت ۾ سمن نوٽيس به نه مليا ۽ بنا ڪنهن نوٽيس جي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.سليمان شهباز پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته ڊڪليئريشن کان اڳ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي جاچ لاءِ عبوري ضمانت ڏني وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو