سلوٽا پاران اڄ کان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ختم،احتجاج جاري رهندو

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري) سلوٽا طرفان اڄ مئنيجمينٽ فيڪلٽي کان ايڊمنسٽريشن بلاڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو. جنهن ۾ ڊاڪٽر مجيب ابڙو، ڊاڪٽر تجنيس پيرزاده، ڊاڪٽر فرمان منگي، ڊاڪٽر باقر شاه، سيد مقيم شاھ، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، احمد ميمڻ سراج سومرو، عنايت ڀٽي، ڊاڪٽر سميا شاه، ڊاڪٽر مظفر سروهي، ڊاڪٽر رحمان گل گلال، زين آريجو، عاشق لاشاري، ڊاڪٽر واحد جتوئي، ڊاڪٽر اسرار ميمڻ، عشرت ميراڻي ۽ ٻين ججھي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري سلوٽا ڊاڪٽر اختيار گھمرو، وائيس چانسلر کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجو اخلاقي ۽ انتظامي جواز وڃائي چڪي آھي جيڪا پنهنجي لکت ۾ ڪيل واعدن کي وفا ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آھي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي انتظاميا جي شاگردن جي تعليم ۾ ڪا به دلچسپي ڪانهي اهي صرف بسن جا پئسا پچائڻ ۾ پورا آھن. سلوٽا طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته شاگردن جي تعليمي نقصان کان بچڻ لاء ڪلاسن جو بائيڪاٽ ختم ڪيو ٿو وڃي پر زوزانو احتجاجي ريليون ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. وڌيڪ سڀاڻي نوابشاھ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ احتجاج جو طريقه ڪار طئي ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو