سلمان جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪندڙ ڇهون جوابدار گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي گهر ٻاهران فائرنگ ڪيس ۾ ملوث ڇهين جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب گرفتار جوابدار جو تعلق به لارنس بشنوئي گروپ سان آهي. هرپال سنگهه، 34، سومر جي شام تي ممبئي ڪرائم برانچ جي هڪ ٽيم پاران هريانا کان حراست ۾ ورتو ويو.رپورٽن مطابق گرفتاري بعد جوابدار کي ممبئي منتقل ڪيو ويو آهي جتي کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.ڀارتي ميڊيا موجب گذريل مهيني ممبئي ۾ 2 موٽرسائيڪل سوار جوابدار سلمان خان جي رهائشگاهه ٻاهران فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو