سلمان اڪرم راجا جي هڪ مهيني جي راهداري ضمانت منظور

سلمان اڪرم راجا جي هڪ مهيني جي راهداري ضمانت منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا جي هڪ مهيني جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صاحبزاده اسد الله ۽ جسٽس وقار احمد سلمان اڪرم راجا جي حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سلمان اڪرم راجا خلاف 8 ايف آءِ آرز داخل آهن، 8 ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي، 8 ڪيس ڄاڻايل آهن، باقي اڻڄاتل آهن.عدالت سلمان اڪرم راجا جي هڪ مهيني جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو ته کيس درج ٿيل ڪيسن ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو