سلامتي ڪائونسل مان غزا ۾ فوري جنگبندي جو ٺهراءُ منظور

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. غزا پٽي ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ تي راءِ شماري لاءِ سلامتي ڪائونسل جو اجلاس اڄ ٿيو، جنهن ۾ ٺهراءَ کي منظور ڪيو ويو. فوري جنگبندي جو ٺهراءُ سلامتي ڪائونسل جي 10 ميمبر ملڪن پيش ڪيو. ٺهراءُ پيش ڪندڙ ملڪن ۾ الجزائر، جاپان، ايڪواڊور، سوئٽزرلينڊ، ڏکڻ ڪوريا، مالٽا ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. سلامتي ڪائونسل جي 15 مان 14 ميمبرن ٺهرءَ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا غزا ۾ جنگبندي جي ٺهراءَ تي ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو