سعودي پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير پنهنجي ايراني هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.عرب ميڊيا موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان فون تي رابطو ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن هڪ ٻئي کي رمضان جي مبارڪباد ڏني.ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾، ٻنهي پرڏيهي وزيرن سفارتخانو ٻيهر کولڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ لاءِ جلد ٻه طرفي ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو