لنڊن (ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته لنڊن اچڻ جو بنيادي مقصد دولت مشترڪه جي يوٿ منسٽرز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آهي. وزيراعظم پاڪستان نوجوانن جي ترقي لاءِ 80 ارب روپين جو فنڊ پڻ رکيو آهي.هن چيو ته ڪانفرنس ۾ 50 ملڪن شرڪت ڪئي جنهن ۾ 40 وزير شامل هئا، ڪانفرنس ۾ ماحولياتي تبديلين کي خاص اهميت ڏني وئي، سفارشن تي عملدرآمد لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي.ڀارت سان لاڳاپن بابت سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڀارت سان پاڪستان جا لاڳاپا ختم ٿي ويا آهن.جڏهن ته سعودي ولي عهد جي پاڪستان دوري بابت پڇيو ويو ته جليل عباس جيلاني چيو ته سعودي عرب جو ولي عهد محمد بن سلمان جلد پاڪستان جو دورو ڪندو.پرڏيهي وزير چيو ته نگران حڪومت جي قدمن سبب صورتحال بهتر ٿي آهي، جنهن لوهي هٿ سان اسمگلنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ڊالر جي قيمت ۾ گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن کي ڪڍڻ جو فيصلو مناسب آهي، غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن کي ملڪ ڇڏڻ جو وقت ڏنو ويو آهي.هن چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون ۽ چونڊن جي تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي.
