سعودي عرب پاڪستان کي ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيندو

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) سعودي عرب پاڪستان کي ٻيهر اوڌر تي تيل ڏيندو جنهن جي لاءِ ساليانو 3 ارب ڊالر تائين  ادائيگي جو اصولي فيصلو ٿي ويو آهي جنهن جو طريقيڪار جلد طئي ڪيو ويندو.جڏهن ته اطلاعات واري وزير فواد چوڌري به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي تازي سعودي عرب واري دوري دوران پاڪستان توسيعي مدي جي لاءِ سعودي آئل سهوليت ٻيهر شروع ڪرڻ جي نئين درخواست ڪئي.سعودي اختيارين اصولي طور تي منظوري تي اتفاق ڪيو آهي پر تفصيل ڌرين جي باضابطه معاهدي کان پوءِ ئي سامهون اچي سگهندا. ان حوالي سان جڏهن وفاقي وزير فواد چوڌري کان توسيعي مدي جي لاءِ ايس او ايف بحالي جي باري ۾ پڇو ويو ته هن چيو ته اهو تقريبن ٿي چڪو آهي.سعودي عرب جي آئل سهوليت(ايس او ايف) جي بحالي لاءِ 3 کان 5 سالن جي مدي جي معاهدي جي نتيجي ۾  پاڪستان کي ايندڙ بجيٽ ۾  سهوليت ملندي.ان کان اڳ سعودي عرب 6 ارب ڊالر جو مالياتي پيڪيج مهيا ڪيو هو جنهن ۾ 3 ارب ڊالر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ جمع آهن ۽ باقي 3 ارب ڊالر ساليانو بنياد تي ملتوي ادائيگين تي تيل جي سهوليت جي لاءِ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو