دبئي(ويب ڊيسڪ)يمن جي حوثي باغين سعودي عرب تي ڊرون ۽ ميزائل حملن جو هڪ سلسلو جاري آهي، مائع قدرتي گئس پلانٽ، پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ، تيل جي تنصيب ۽ پاور اسٽيشنن کي نشانو بڻايو. عالمي خبرن جي ايجنسين موجب يمن ۾ وڙهندڙ سعودي فوجي اتحاد جو چوڻ آهي ته حملن ۾ جاني نقصان نه ٿيو پر علائقي ۾ شهرين جي گاڏين ۽ گهرن کي نقصان پهتو. اهو حملو سعودي عرب تي حوثي باغين طرفان سرحد پار حملن جي هڪ سلسلي ۾ تازو حملو آهي. ڌرين ۾ ڳالهيون تعطل جو شڪار آهن ۽ ست سال پراڻي تڪرار سبب يمن ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي.










