لنڊن(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ٻن تيل صاف ڪندڙ ڪاخانن تي حملي بعد عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي 67 لک بيرل سپلاءِ بند ٿي وئي، هڪ ڌڪ ۾ عالمي منڊي ۾ 19.5 سيڪڙو تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي. جيڪا 1991 جي خليج واري جنگ کانپوءِ پهريون ڀيرو هڪ ئي وقت ۾ ايتري واڌ ٿي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جنگي ذخيرن مان تيل جي فراهمي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب تي ٿيل ايران جي حملي بعد آمريڪا جنگ لاءِ تيار آهي. گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو سعودي عرب جي عبقيق ۽ خريس ۾ واقع آئل ريفائنريز تي حملن ۾ ايران تي ملوث هئڻ جو الزام هنيو هو. جنهن کي ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف رد ڪندي چيو هو ته الزامن سان مصيبت نه ٽرندي آهي ۽ هو جنگ لاءِ تيار آهن. عبقيق آئل ريفائنري دنيا جي وڏي وڏي ۾ ريفائنري آهي جيڪا هڪ ڏينهن ۾ 57 لک بيرل تيل صاف ڪندي آهي جڏهن ته خريس واري ريفائنري 10 لک بيرل روزانو تيل صاف ڪندي آهي، ڇنڇر تي ٿيل حملون بعد ٻنهي ريفائنريز جي تيل جي فراهمي بند آهي، جنهن جو مطلب دنيا ۾ تيل جي ڪل کپت جو 6 سيڪڙو سپلاءِ متاثر ٿي آهي ۽ اها ڪا خبر ناهي ته ڪڏهن تيل جي فراهمي بحال ٿيندي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب عالمي معاشي تجزيه ڪارن جو خيال آهي ته جيڪڏهن سپلاءِ چند ڏينهن کان وڌيڪ معطل رهي ته دنيا ۾ تيل تي انحصار ڪندڙ معيشتون سخت متاثر ٿينديون، جن ۾ چين، جاپان، ڀارت، ڏکڻ ڪوريا، فلپائن ۽ ٻيون شامل آهن.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز
پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا مضبوط آهن، رپئي جو قدر نه گهٽبو
9 مئي سانحي وارا اڄ ملڪي مفاد تي حملا پيا ڪن: تارڙ
ڪي پي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ ڊينگي پکڙجڻ جو امڪان