سعودي جيلن مان سوين پاڪستاني جلد آزاد ڪرائينداسين،شيخ رشيد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هڪ ارب روپين جي امداد ملي وڃي ته ننڍن ڏوهن سبب سعودي جيلن ۾  موجود سوين وڌيڪ قيدين کي به آزاد ڪرائي سگهون ٿا. وفاقي گهرو وزير چيو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ جيڪي پاڪستاني قيد آهن انهن جي پاڪستان ۾ فيمليز آهن. انهن کي پاڪستان جي جيلن ۾ منتقل ڪرڻ سان هو ان جي سار سنڀال ڪري سگهندا جڏهن ته انهن کي هتي ڪير به  پڇڻ وارو نه آهي. وزيراعظم عمران خان جي تازي سعودي عرب ۾ ٿيندڙ معاهدن  کان پوءِ سعودي عرب جي جيلن ۾ موجود 1100 قيدين کي پاڪستان واپس وٺي وڃي رهيا آهيون.هي قيدي پنهنجي سزا جو وڏو حصو ڪٽي چڪا آهن ۽ ٿورا قيدي رهجي ويا آهن. قيدين جي آزادي جو سمورو عمل تقريبن مڪمل ٿي ويو آهي. جيترو ممڪن ٿي سگهندو اهو ڪم ڪيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته سعودي عرب جي جيلن ۾ 600 کان 700 قيدي اهڙا آهن جن تي ڏنڊ آهن انهن جي رقم هڪ ارب روپيه بڻجي ٿي. مان وزيراعظم عمران خان کي چيو آهي ته اها رقم ملي وڃي ته اهي سڀ قيدي آزاد ٿي سگهن ٿا.سعودي جيلن ۾ قيد 30 پاڪستاني قيدي اهڙا آهن جيڪي قتل ۽  منشيات جي ڏوهه ۾ قيد آهن ۽ انهن کي موت جي سزا ٿي چڪي آهن. انهن کي واپس نٿا آڻي سگهون. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب واري دوري ۾ پاڪستاني قيدين جي سلسلي ۾  تعاون واري معاهدي تي صحيحون ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو