سعودي بادشاهه پاران اهل ۽ قابل ماڻهن کي شهريت ڏيڻ جو اعلان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز اهل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب شاهه سلمان مختلف شعبن ۾ قابل ۽ قابل ماڻهن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.شاهه سلمان جي جاري ڪيل شاهي فرمان ۾ سائنسدانن، طبي ماهرن، محققن، جدت پسندن، ڪاروباري شخصيتن ۽ منفرد صلاحيتن جي مالڪن کي سعودي شهريت ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. شاهي فرمان جو مقصد پرڪشش ماحول کي وڌائڻ، غير معمولي تخليقي ذهنن کي راغب ڪرڻ، سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ويزن 2030 جي مطابق ترقي ۾ حصو وٺڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو