سزا تائين ملزم کي هٿ ڪڙي هڻڻ،غير اسلامي آهي. اسلامي ڪائونسل

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪنهن به ملزم کي سزا ملڻ تائين هٿ ڪڙي هڻڻ ۽ سندس خلاف ميديا ۾ خبرون هلائڻ کي غيراسلامي ۽ غير اخلاقي عمل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪائونسل جي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اسلامي نطرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله ايازچيو ته نيب، پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن پاران ڪنهن به ملزم کي سزا ملڻ تائين هٿ ڪڙي نٿي هڻي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو خطرناڪ ملزم آهي ۽ هن پاران تشدد جو خطرو هجڻ جي صورت ۾ کيس هٿ ڪڙي هڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته نيب قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ رٽائرڊ جسٽس رضا خان جي سربراهي ۾ ڪاميتي جوڙيون ٿا جيڪا نيب جي مختلف شقن جو جائزو وٺي اهو طئي ڪندي ته ان قانون جون ڪهڙيون شقون غير اسلامي آهن. ان موقعي تي هن 8 مارچ تي عورتن جي حقن جي ڏينهن تي نڪتل جلوس ۾ لڳل ڪجهه نعرن تي اعتراض ڪندي چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته اهڙن قابل اعتراض نعرن جي ضرورت ڇو محسوس ٿي ۽ ان جو سبب ڇا آهي؟ بهاولپور ۾ انگريزي جي پروفيسر جي قتل بابت هن چيو ته اها تعليمي نظام جي ڪمزوري آهي، شاگرد نفسياتي مسئلن جو شڪار لڳن ٿا ۽ حڪومت کي نظام بهتر ڪرڻو پوندو. شراب جي وڪري بابت سوال تي هن چيو ته اسلام کانسواءِ ٻين مذهبن جي اوٽ ۾ پرمٽ جاري ڪري شراب وڪرو ڪيو ٿو وڃي، اسين ٻين مذهبن جي نمائندن جي راءِ معلوم ڪري ان بابت بعد ۾ فيصلو ڪنداسين. هن ٻڌايو ته اجلاس ۾ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊرا آرڊن کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو. ياد رهي ته 2002 ۾ به اسلامي نظرياتي ڪائونسل هٿ ڪري هڻڻ کي غير اسلامي قرار ڏنو هو پر ان تي عمل ڪو نه ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو