سرڪاري دوائن جي چوري ۽ وڪري جو انڪشاف؟

صوڀوديرو(مظھر نعمت علي مڱڻيجو) صحت کاتي ۾ دوائن جي چوري ۽ نجي اسٽورن تي وڪري جو انڪشاف ٿيو آهي. سرڪاري دوائون سڳيون اسپتال مان وڪرو ڪرڻ خاطر ٻن ٻاچڪن ۾ ڀري ڪمند جي فصل ۾ لڪايون ويون. ڳوٺاڻن پراسرار دوائن سان ڀريل 2 ٻاچڪا ڏسي پوليس ۽ ميڊيا کي اطلاع ڏنو. جنهن بعد پوليس ۽ صحافي پهتا ۽ ڏٺو ته ٻن ٻاچڪن ۾ پيل سنڌ حڪومت جي ٺپي لڳل سرڪاري دوائن جي ايڪسپائري مدت 2020 ،2021 ،2022  مقرر ٿيل هئي. صحافين جي ڪوريج بعد پوليس دوائون پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيون. بي ايڇ يو  سڳيون جي انچارج پي پي ايڇ آء جي ڊاڪٽر عامر الاهي سھتو سان رابطو ڪيو ويو ته ھن چيو ته دوائن جون تصويرون واٽسپ ڪيو اھي ڏسي ٻڌائي سگھجي ٿو ته اھا ڪنھنجي نااهلي آهي تصويرون واٽسپ ڪرڻ باوجود هن ڪو به موقف نه ڏنو.

ڪمند جي فصل مان چوري جون سرڪاري دوائون برآمد، سنڌيار فوٽو

صحافين پاران تعلقه هيلٽ آفيسرصوڀوديرو ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته منهنجي ڀيڻ جي فوتگي ٿي وئي آهي مان تڏي تي ويٺو آهيان. ضلعي مئنيجر عارف عباسي چيو ته  سومر ڏينهن پي پي ايڇ آءِ پاران انڪوائري ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن جو تعين ڪري سندن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ڊي ايڇ او خيرپور ڊاڪٽر حسين ابڙو  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلعي ڪوآرڊينيشن آفيسر ڊاڪٽر امتياز حسين وساڻ کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ بعد حقيقت سامهون ايندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو