سريلنڪا حملن ۾ ملوث دهشتگردن ڀارت ۾ تربيت ورتي هئي

نئين دلي(م ڊ) گذريل آچر تي سريلنڪا ۾ ٽن چرچز ۽ چئن هوٽلز ۾ ٿيل 8 بم ڌماڪن جي جوابدارن ڀارت ۾ تربيت حاصل ڪئي. اهڙو انڪشاف سريلنڪا جي فوجي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ جي بنياد تي ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار“دي هندو” پنهنجي رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حملو ڪندڙن جي سربراه محمد زهران سريلنڪا جي نيشنل توحيد جماعت جو سربراهه آهي جنهن جا داعش سان به لاڳاپا آهن ۽ سريلنڪا جا تفتيش ڪار ان پاسي کان به جاچ ڪري رهيا آهن. سريلنڪا جي مسلم ڪائونسل جي نائب صدر هلمي احمد چيو آهي ته زهران جا ڀارت جي ڏاکڻي حصي ۾ مسلمانن سان گهاٽا لاڳاپا هئا. زهران جيڪو پاڻ شنگريلا هوٽل تي حملي ۾ ملوث آهي، مٿي ڏنل تصوير ۾ جنهن جو چهرو ڍڪيل ناهي، ان بابت شڪ آهي ته اها زهران جي تصوير آهي. هي تصوير سريلنڪا ۾ ٿيل حملن بعد داعش جار ڪئي هئي ۽ ڄاڻايو هو ته هي خودڪش حملو ڪندڙن جي آهي. سريلنڪا جي سيڪورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته زهران جي فيس بڪ اڪئونٽ تي 100 کان وڌيڪ سندس فالوئرز بابت ڇنڊ ڇاڻ جاري آهي. هنن جو اهو به چوڻ آهي ته زهران سمگلرن جي لاچن تي سريلنڪا کان ڀارت سفر ڪندو رهيو آهي. سريلنڪا ۾ گذريل آچر تي ٿيل 8 ڌماڪن ۾ 300 کان مٿي ماڻهن جي مارجڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر اوچتو اهو انگ 250 ٻڌايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو