سرفراز کي هٽائڻ بعد وني به ميدان ۾، مداحن جو مليل جليل ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتاني تان هٽائڻ بعد سندس گهرواري ۽ مداح به ميدان ۾ اچي ويا آهن. سندس گهرواري خوشبخت ٽوئيٽ ۾ مڙس کي آٿت ڏيندي چيو آهي ته گهٻرايو نه بهادر ماڻهو هميشه مقابلو ڪندا آهن. سندس هڪ مداح سرفراز جي ڪرڪٽ ڪيريئر جي بهترين پرفارمنس واريون ڪلپس گڏ ڪري انهن جي ويڊيو ٺاهي ٽوئٽر تي اپ لوڊ ڪئي جيڪا وائرل ٿي وئي. ياد رهي ته اڳ ۾ ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني تان کيس هٽايو ويو ۽ بعد ۾ بطور پليئر ئي ٽيم مان خارج ڪيو ويو. هن گهرائي پي سي بي وارن چيو ته استعيفيٰ ڏئي پر هن انڪار ڪيو ته کيس هٽائڻ جو اعلان ڪيو ويو. راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر چيو آهي ته جيڪو ڪجهه سرفراز سان ٿيو ان جو ذميوار هو پاڻ آهي. ياد رهي ته سرفراز کي هٽائڻ جي اعلان تي ٽيم جي سينئر پليئرز خوشي جو  اظهار ڪيو هو جنهن مان لڳي ٿو ته ٽيم ۾ گروهه بندي عروج تي هئي. ٽوئٽر تي سرفراز کي هٽائڻ بابت مليل جليل رد عمل سامهون آيو آهي. ڪجهه خوش آهن ته ڪجهه سندس مداح اداس ۽ مايوس به آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو