سردارلاش کان به ڊنل، ٻن ضلعن ۾ دفنائڻ تي پابندي، وارث دربدر

جهل مگسي (ويب ڊيسڪ)رپوٽون آهن ته ڪالھ جھل مگسي ۽ جعفرآباد بلوچستان ۾ ھڪڙو انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو پيش آيو آھي. چيو وڃي ٿو ته امداد حسين جويو نالي ھڪ ھمراه 2017 کان وٺي دانھيندو پيو اچي ته ھن جي زمين تي سردارن پاران قبضو ڪيو ويو آھي. کيس زرعي زمين آزاد ڪرائي ڏني وڃي۔ ھن مرحوم سردارن خلاف ڪيس ڪيا ، احتجاج ڪيا پر کيس ڪٿان به سٺي موٽ نه ملي۔ هو دانهون ڪندو رهيو ته مونکي موت مار ڌمڪيون ملنديون رھن ٿيون۔ پر ان جي دانهن ڪوڪن ڪنهن به نوٽيس نه ورتو۔نيٺ کيس قتل ڪرائي ٻن ضلعن منجھ تدفين تي پابندي لڳائي وئي آھي۔ ٻه ڏينھن گذري ويا آھن ، مرحوم جو لاش وارثن جي ڪلھي تي آھي مگر کيس ڪٿي به تدفين جي اجازت نه پئي ڏني وڃي ، سخت گرمي ۽ مسلسل سفر سبب لاش بدبوء ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آھي ۽ ميت جا رشيدار مرد ۽ عورتون پڻ انھي آخري سفر ۾ گڏ آھن.۔

پهنجو تبصرو موڪليو