سڌارٿ ملهوترا ۽ ڪيارا جي شادي سوريا ڳڙهه محل ۾ ٿيندي:رپورٽ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور جوڙي اداڪار سدھارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيارا اڊواڻي جي شادي جي تقريب سومر 6 فيبروري تي جيسلمير جي سوريا ڳڙهه محل ۾ ٿيندي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سدھارٿ ملهوترا ۽ ڪيارا اڊواڻي طرفان ڪا به تصديق ٿيل خبر سامهون نه آئي آهي.جڏهن ته جيسلمير جي سوريا ڳڙهه محل انتظاميه ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته فنڪار جوڙي جي شادي سريا ڳڙهه محل ۾ ئي ٿيندي.ميڊيا رپورٽن موجب شادي ۾ ويجهن مائٽن شاهد ڪپور، سندس گهرواري ميرا راجپوت، ڪرن جوهر ۽ منيش ملهوترا سميت 100 مهمانن جي شرڪت جو امڪان آهي.فوٽوگرافر وائرل ڀياناڻي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته هو اداڪار سدھارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيارا اڊواڻي جي شادي جي تقريب لاءِ جيسلمير وڃي رهي آهي. فوٽوگرافر موجب اداڪار سدھارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيورا جي شادي جون تقريبون 4 فيبروري جي هفتي کان شروع ٿينديون ۽ اهي تصويرون وقت بوقت صارفين سان شيئر ڪندا رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو