سخت معاشي فيصلا بهتر آهن، فنڊ جو وفد جلد ايندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي سامهون آئي آهي عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان جي تازي بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن کي خوشي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف بجيٽ جي منظوري ۾ سياسي پارٽين جي مثبت ڪردار جي به تعريف ڪئي آهي آءِ ايم ايف معيشت جي بهتري لاءِ ٽيڪس ڇوٽ محدود ڪرڻ جي به تعريف ڪئي.آءِ ايم ايف جو وفد هلندڙ مهيني جي آخري هفتي پاڪستان پهچي سگهي ٿو. آءِ ايم ايف جو وفد نئين قرض پروگرام تي ڳالهين لاءِ ايندو، پاڪستان نئين پروگرام کان اڳ اڳواٽ شرط تي عمل ڪري ورتو آهي. ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ جي اميد آهي. ايندڙ مالي سال جو بجيٽ 28 يا 29 جون تي منظور ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو