ستارن جي هلچل، ڪنهن ڪنهن کي احتياط ڪرڻ گهرجي؟

عمر ڪوٽ (ن سنڌيار) ناليواري ستارن جي علم جي ماهر يعني ايسٽرولوجسٽ ڀڳوانداس جٽيا لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل پيشنگوئي ۾ ٻڌايو آهي ته ن، ظ، ض، ي ۽ ز جي لفظن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن کي صلاح ڏني آهي ته هو انتهائي صبر ۽ احتياط کان ڪم وٺن. ڀڳوانداس جٽيا جيڪو ايسٽرولوجي سان گڏوگڏ پامسٽري جو به ماهر آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته مٿي ڄاڻايل لفظن وارن نالن جي ماڻهن جي خانن ۾ نحس ستاري زحل (شني) ۽ شمس جون نظرون ھڪ ئي درجي تي ھونديون. ان ڪري کيس صلاح ڏجي ٿي ته کين پنھنجي باس ، دوست ، ھمنوا پارٽنر، مٽن مائٽن، جي طرفان دوکو ملڻ جو امڪان آهي. نحس ستارن جو نظرون ھڪ ئي درجي تي 18 مئي کان 15 نومبر دوران ھجڻ جي ڪري شخصي پريشاني پئدا ڪري سگھي ٿي. ڪيس يا لکپڙهه، اندروني بيروني معاملن تي خاص غور فڪر سان ڪم کي اگتي وڌائجي ته جيئن نقصان کان بچي سگهجي. ڇنڇر جي ڏينهن ڪاري شيءِ جو صدقو ڪڍجي.

پهنجو تبصرو موڪليو