سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ڳوٺاڻو قتل

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) اي سيڪشن ٿاڻي ڪنڌڪوٽ جي حد ڳوٺ شالو ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان غلام حسين سبزوئي  قتل  ٿي ويو جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ويو. فوتي جو لاش قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسپتال آندو ويو جنھن بعد  سندس جي وراثن حوالي ڪيو ويو. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. شروعاتي ڄاڻ موجب واقعو پراڻي تڪرار تحت پيش آيو آهي. مقتول جي ڌر 2 مهينا اڳ جوابدار ڌر جي نوجوان کي قتل ڪيو هو. آخري اطلاع موجب وارثن پاران واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪرايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو