ٺل(عبدالنبي شيخ) ڪپهه سان ڀريل مزدا تي ڇاپو هڻي624 ساڍا پندرنهن مڻ کان وڌيڪ پابندي مڙهيل نشي آور سوپاريون هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي جيڪب آباد بشير احمد بروهي پاران صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ سندس ٽيم کي ڪامياب ڪاروائي تي تعريف. ايس ايڇ او صدر غلام اصغر تنيو سندس ٽيم شمبي شاهه وٽ بلوچستان کان سنڌ ايندڙ ڪپهه سان ڀريل مزدا کي روڪي تلاشي ورتي ته ان مان 624 ڪلو نشي آور سوپاريون برآمد ٿيون. پوليس مستونگ واسي ڊرائيور مهيم خان بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ٿاڻي تي گرفتار جوابدار خلاف اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.










