ساڌ ٻيلو گهمڻ لاءِ پهتل ڀارتي ڪُٽنب گرفتاري بعد آزاد

سکر (جيرام داس ) ساڌ ٻيلو گهمڻ لاءِ پهتل ڀارتي ڪٽنب جنهن کي ڪاغذ اڻپورا هئڻ سبب سکر پوليس گرفتار ڪيو هو تنهن کي اجازت نامو پيش ڪرڻ بعد اربع تي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سکر دعويٰ ڪئي هئي ته ساڌ ٻيلي مان هڪ ڀارتي ڪُٽنب کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي. هندو ياترين جو ڪُٽنب بنا ڪنهن سفري ڪاغذن جي سکر ڀرسان ساڌ ٻيلو گهمڻ لاءِ پهتو هو گرفتار ٿيل ڀارتي ڪُٽنب کي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته ڀارت کان پهتل ڪُٽنب وٽ ساڌ ٻيلي جي وزٽ جو اجازت نامو نه هو. ڪاغذ پورا هوندا ته کين آزاد ڪيو ويندو ٻي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي. اُن موقعي تي ڀارتي ڪُٽنب چيو ته هو ساڌ ٻيلو گهمڻ لاءِ پهتا هئا ۽ وٽن سفري ڪاغذ به موجود آهن جيڪي جلد پوليس حوالي ڪيا ويندا. ڀارتي رياست اتر پرديش جي علائقي ڇتيس ڳڙهه سان تعلق رکندڙ موتي لعل هاسيجا ۽ سندس خاندان جي ڀاتين وفاقي گهرو کاتي جو اجازت نامو اڄ ايس ايس پي وٽ جمع ڪرايو جنهن بعد کين آزاد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو