ساٿي فنڪارن کي نوٽيس، فهد مرزا جي فيروز خان تي ڪاوڙ

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار فيروز خان پنهنجي ساٿي فنڪارن پاران لڳايل تنقيد ۽ ڪوڙو الزامن تي کيس هراسان ڪرڻ جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن اداڪار فيروز خان پنهنجي اڳوڻي زال عليزا سميت ثروت گيلاني سميت 10 ساٿي فنڪارن کي بدنامي جو نوٽيس موڪليو هو. فيروز خان سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن ٽوئيٽر ۽ انسٽاگرام تي ان حوالي سان اعلان ڪندي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ ڪجهه دستاويزن جون تصويرون به شامل هيون ۽ دستاويزن ۾ ساٿي فنڪارن جي حساس معلومات به واضح هئي، جنهن جو اشارو ڪندي فهد مرزا اداڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ هن چيو ته مان ان معاملي ۾ ڪجهه چوڻ نه ٿي چاهيان، پر فيروز ساٿي فنڪارن جي ذاتي معلومات ظاهر ڪري وڏي بيوقوفي ۽ انتقام جو مظاهرو ڪيو آهي.هن وڌيڪ لکيو ته فيروز خان جي اهڙي احمقانه عمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته مٿس لڳايل سمورا الزام سچا هئا. واضح رهي ته فيروز خان طرفان سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ اهي دستاويز هٽايا ويا هئا، پر اها خبر ڪلاڪن تائين مختلف سوشل ميڊيا پيجز تي وائرل ٿيندي رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو