ساوند ۽ سندراڻي تڪرار، مقتولن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

سرحد(رپورٽ غلام عباس مھر) ساوند ۽ سندراڻي تڪرار ۾ مقتولن جي هٿيارن بند جي موجودگي ۾ تدفين ڪئي وئي. واقعي سبب علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ خوف وارو ماحول آهي. ميرپورماٿيلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مُسڪان ساوند ۾ سندراڻي ذات جي چئن موٽرسائيڪلن تي سوار ڏهه هٿياربندن اوطاق تي ويٺلن مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ڪنڌڪوٽ واسي مهمان ٿي آيل پوليس اهلڪار شير علي ملڪ، سندس پٽ نصيب الله ملڪ، علي رضا ملڪ، عبدالرحمان ساوند، فيض محمد ساوند ۽ اميربخش ساوند گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي مارجي ويا. جڏهن ته حبيب الله ساوند، اربيلو ساوند سميت ٽي ڄڻا گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا واقعي بعد جوابدار فائرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا، جنهن بعد ساوند برادري جي ماڻهن پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال ميرپورماٿيلو منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد ساوند ڌر جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته ملڪ برادري جي ٽن ڄڻن جا لاش ڪنڌڪوٽ مان آيل ملڪ برادري جي مائٽن جي حوالي ڪيا ويا. زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کين سکر ۽ رحيميار خان منتقل ڪيو ويو، مقتولن جي لاشن کي ڳوٺ مسڪان ساوند ۾ آڻڻ بعد جنازهه نماز ادا ڪري کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

واقعي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انورکيتران ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو نذير احمد سومرو سميت پوليس نفري کي ساڻ ڪري ڳوٺ مُسڪان ساوند پهتو جتي هن واردات واري جڳهه جو معائنو ڪيو ۽ ساوند برادري جي ماڻھن سان ملاقات ڪري واقعي جي ڄاڻ پڻ ورتي، ان موقعي تي ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران جو چوڻ هو ته قبيلائي جهيڙن ۾ بيگناهه ماڻھون مرن پيا، قبيلائي جهيڙن ۾ مارجي ويندڙن جي وارثن کي گهرجي ته اهي قتل ڪيسن ۾ ٻنهي ڌرين جي چڱن مڙس جا نالا ڏيارين ته جيئن انهن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري سگهجي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته چڱن مڙسن کي هٿ وجهڻ بعد ساوند سندراڻي تڪرار حل ٿي سگهي ٿو، جوابدار حملي بعد فرار ٿي ويا آھن جن جي گرفتاري بابت ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ علائقي جي ناڪابندي پڻ ڪئي وئي آھي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، هوڏانهن مارجي ويل ملڪ برادري جي ٽن مقتولن ۾ پيءُ پٽ به شامل آھن جيڪي انورشاهه جي ميلي تي گهمڻ آيل هئا ۽ ساوند برادري جي ماڻهن سان دوستي هجڻ ڪري اهي ساوندن جي اوطاق تي ترسيل هئا. ياد رهي ته ڪنڌڪوٽ جي ڪچي مان ڪارنهن جي معاملي تان شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين 26 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آھن قبيلائي تڪرار سبب ٻنهي ڌرين جي ماڻھن جو روزگار پڻ تباهه ٿي ويو آھي ماڻھون هٿيارن جي پهري هيٺ گهرن تائين محدود آھن تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي سردارن ۽ چڱن مڙسن پاران تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ورتيون ويون، جهيڙيندڙ ڌرين مٿان هر وقت موت جي تلوار لٽڪيل آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو