سانگهڙ ۾ پي پي اميدوار وڏي ليڊ سان ڪامياب

سانگهڙ ۾ پي پي اميدوار وڏي ليڊ سان ڪامياب

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي)پي ايس 43 سانگهڙ تي پيپلز پارٽي اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب ڄام شبير علي  48028 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آئي اميدوار مشتاق جوڻيجو 6925  ووٽ کڻي سگهيو آهي، پيپلز پارٽي جي اميدوار جي ڪاميابي تي پيپلز پارٽي جي اليڪشن آفس ڄام ھائوس۾وڏي انگ ۾ ڪارڪن گڏ ٿي ويا آھن ۽ پ پ جي گانن تي جهمريون پائي رھيا آھن ۽ مٺايون پڻ ورھائي رھيا آھن مان توھان کي ٻڌائيندو ھلان ته پي  ايس 43 جي 132 پولنگ اسٽيشنز تي اڄ صبح 8 وڳي پولنگ جو عمل شروع ٿيو جيڪو بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهيو،  چونڊ جي سلسلي ۾ 70 کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ انتھائي حساس قرار ڏنو ويو هو ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن جي 124 پولنگ بوٿ تي ڳجھيون ڪيمرا پڻ لڳايون ويون ھيون، تڪ جي ووٽرن جو انگ هڪ لک 57 هزار 210 آهي پر اڄ تمام گھٽ نظر آيو . چونڊ عمل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي پلان پڻ جوڙيو ويو آهي جنهن تحت  1679 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ھئا جڏھن ته رينجرز پڻ پولنگ اسٽيشنز ٻاهران موجود رھي.

پهنجو تبصرو موڪليو