سام سنگ جي نئين فون جي قيمت ۽ خصوصيتون ليڪ ٿي ويون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موبائل ٺاهيندڙڪورين ڪپمني سام سنگ جي نئين فونن گليڪسي ايس 10 لائٽ ۽ نوٽ 10 لاٽ جي تفصيل لانچ ٿيڻ کان پهرين سامهون اچي ويون آهن. گليڪسي ايس 10 لائٽ ۽ نوٽ 10 لائٽ جي رونمائي سڀاڻي ٿيڻي هئي پر جرمني ۾ ان فون جون سڀئي فيچر ۽ معلومات ليڪ ٿي چڪيون آهن. ليڪ ٿيندڙ معلومات مطابق سام سنگ جي ايس 10 لائٽ جو افتتاح ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪئي ويندي ۽ هي گليڪسي 10 جو هڪ سستو فون آهي. موبائل فون جي پٺيءَ تي ٽرپل سينسر 48 ميگا پڪسل ڪيمرا نصب ٿيل آهي جڏهن ته فون جي فرنٽ سيلفي ڪيمرا 32 ميگا پڪسل هوندي. رپورٽ مطابق گليڪسي ايس 10 لائٽ جي اسڪرين جي سائيز 6.7 انچ هوندي ۽ ان ۾ ڪولڪوم 855 چپ سيٽ هوندي جڏهن ته اهو 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي ميموري سان گڏ لانچ ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ٻين سام سنگ فونن وانگي هڪ ميموري ڪارڊ لڳائڻ جي سهولت به موجود هوندي. ليڪ ٿيندڙ معلومات مطابق گليڪسي ايس 10 لائٽ جي قيمت 753 ڊالر مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا سام سنگ گليڪسي ايس 10 کان تقريبن 80 ڊالر سستو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو