سال 2022 ۾ 340 واپارين پاڪستاني شهريت ڇڏي ويا

اسلام آباد (رپورٽ زاهد گشڪوري) سال 2022ع ۾ 340 واپارين پاڪستاني شهريت ڇڏي ڏني، ان ڳالهه جو انڪشاف همم جاچ ٽيم کي مليل دستاويزن ۾ ڪيو ويو آهي. هم نيوز تي شايع ٿيل خبر جي دستاويزن ۾ ظاهر ڪيل انڪشاف موجب گذريل 7 سالن دوران 670 انجنيئرن ۽ 350 ڊاڪٽرن پنهنجي شهريت ڇڏي ڏني جڏهن ته 2016 کان وٺي روزانو 9 پاڪستاني شهريت ڇڏي رهيا آهن.55 سيڪڙو پاڪستانين جن پنهنجي شهريت ڇڏي ڏني انهن يورپي ملڪن جي شهريت حاصل ڪئي. سال 2022 ۾ 250 شاگردن، هڪ صحافي ۽ ٻن ڪرڪيٽرن به پاڪستاني شهريت ڇڏي ڏني.هم نيوز کي مليل دستاويزن موجب 730 گهروارين به پنهنجي شهريت ڇڏي ڏني، جڏهن ته 2016 کانپوءِ 8500 پاڪستاني جرمني ويا. شهريت ورتي اهڙي طرح اسپين جي 2 هزار 781 شهرين ۽ 2 هزار 268 ماڻهن ناروي جي شهريت حاصل ڪئي آهي.انگن اکرن موجب 8 سالن دوران 1290 ماڻهن برطانوي شهريت ڇڏي ڏني آهي ۽ 158 ماڻهو آمريڪي شهري بڻجي چڪا آهن.دستاويزن موجب 3 هزار 700 ماڻهن ڀارتي شهريت ورتي، 1 هزار 716 پاڪستانين به چيني شهريت حاصل ڪئي.2022ع ۾ 2 هزار 878 پاڪستانين، 2021 ۾ 2200 کان وڌيڪ پاڪستانين ۽ 2020 ۾ 2144 ماڻهن پنهنجي شهريت ڇڏي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو