سال 2018 ۾ ٻارن خلاف جنسي تشدد جي واقعن ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿيو: ساحل

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) پاڪستان ۾ 2018 دوران ٻارن خلاف جنسي تشدد جي واقعن ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. جڏهن ته ٻارن خلاف مجموعي طورتشدد جي واقعن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11 سيڪڙو واڌ رپورٽ ٿي آهي. اهڙو اظهار پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري تنظيم ساحل پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2018 ۾ ٻارن خلاف سڀ کا وڏيڪ تسدد جا واقعا پنجاب، ٻئي نمبر تي سنڌ ۽ ٽئين نمبر تي خيبرپختونخواه ۾ رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ موجب 5 کان 18 سالن جي عمر وارين ڇوڪرين ۽ 6 کان 18 سالن جي ڇوڪرن کي نشانو بنايو ويو آهي. “ظالماڻا انگ اکر 2018” جي عنوان سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مجموعي طور تي ٻارن خلاف زيادتين جا 3832 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. گذريل 18 سالن کان هر سال رپورٽ جاري ڪندڙ تنظيم ساحل، پاڪستان جي85 قومي ۽ علائقائي زبانن ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جي مانيٽرنگ ۽ پوليس رڪارڊ موجب رپورٽ تيار ڪندي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2327 ٻارن خلاف جنسي تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان 51 سيڪڙو ڇوڪرين ۽ 49 سيڪڙو ڇوڪرن بابت هئا. رپورٽ موجب 932 ڪيس اغوا، 589 لونڊيبازي، 282 اجتماعي(گينگ سوڊومي) لونڊيبازي، 537 زنا ۽ 156 اجتماعي (گينگ ريپ) زنا، 452 لاپتا، 345 زنا جي ڪوشش ۽ 99 ڪيس ٻاراڻين شادين بابت رپورٽ ٿيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2017 جي ڀيٽ سال 2018 ۾ لونڊي بازي جي ڪيسن ۾ 61 سيڪڙو ۽ زنا جي ڪيسن ۾ 15 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو