سارنگ جويو آزاد، 80 کان مٿي ڪارڪن اڃا گم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم ڪارڪن سارنگ جويو اوچتو گهر پهچي ويو، خاندان ۾ خوشيون موٽي آيون. هنکي ‘نامعلوم’ ويگو گاڏن وارا سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار 11 آگسٽ تي گهران کنڀي کڻي ويا هئا. تاج جويو سندس آزادي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته کيس گذريل رات نامعلوم اغوا ڪار سهراب ڳوٺ وٽ ڇڏي ويا هائا. اغوا وقت سندس کيسي ۾ 1500 روپيا هئا ۽ رهائي وقت 3000 روپيا هئا.

سارنگ آزادي بعد زخم ڏيکاريندي

هن چيو ته سارنگ جي حالت خراب هئي کيس نجي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو جنهن چيو ته هنکي آرام ڪرايو. تاج جيو جيڪو سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلا ۾ شرڪت لاءِ اسلام آبد آيل آهي تنهن انساني حقن واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته هن وٽ سنڌ مان 280 ماڻحن جي لاپته هجڻ جي لسٽ آهي جنهن مان ڪجهه ماڻهن کي ڇڏيو ويو آهي ۽ ڪجهه ماڻحن کي ظاهر ڪري گرفاتري ڄاڻايو ويو آهي.

سارنگ جويو واپسي بعد زخم ڏيکاريندي

جڏهن ته 80 کان مٿي ماڻهو هن وقت به لاپته آهن. سڄي سنڌ ۾ سندس بازيابي لاءِ احتجاج جاري هئا ۽ سينيٽ جي انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي مسنگ پرسنز جي ڪميشن جي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جيڪو نيب جو چيئرمين به آهي تنهن کي ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي اڄ سومر تي طلب ڪيو ويو هو ته سارنگ کي ڪير اغوا ڪري ويو.

Sarang reached home, Photo Twitter

سارنگ جيڪو سنڌ جي ناليواري اديب ۽ دانشور تاج جويو جو فرزند آهي، لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ ٿيندڙ احتجاجن ۾ سرگرم هو. تاج جويو کي 14 آگسٽ تي صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو جيڪو هن احتجاجن وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو