ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ٺٽو( رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ٺٽي جي ساحلي پٽي ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن جو سخت احتجاج، ميرپور ساڪرو ۽ گھوڙاٻاري جا آبادگار سراپا احتجاج بڻيل، 3 مھينن کان واھ سڪل ھجڻ سبب عوام سخت پريشان، پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسڻ لڳي، ميرپور ساڪرو تعلقي جي مختلف ديهن جي متاثر آبادگارن جو غلام اللّٰہ شهر ۾ الڳ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، آبادگارن جي ڌرڻي سبب ٺٽي کان ميرپور ساڪرو ۽ گهوڙاٻاري ويندڙ ٽريفڪ معطل، آبادگار اڳواڻن دوست محمد ناهيو، گل حسن خاصخيلي، حسين زَنگياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي ٽائرن کي باهيون ڏيئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ متاثر آبادگارن چيو تہ تعلقي ساڪرو جي شاخن ۽ واهن ڪَرمپور، اوٺارڪي، غلام اللّٰہ ، ناهيَڪي ۽ ٻين شاخن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري آبادگارن جو ساريال جو ٻيجو سڙي تباھ ٿي ويو، هاڻي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي، ٻئي طرف گھوڙاٻاري جي متاثر آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف سانولپور شاخ تي احتجاجي مظاھرو غلام محمد ڪيھر، دائود ڪيھر، ڪرم علي لاشاري، اعجاز عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ اڏيرو برانچ مان نڪرندڙ سانولپور شاخ سميت 18 ئي واھن ۾ پاڻي نہ پھچڻ ڪري زراعت تباھ ٿي ويئي،  ھاڻي پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان آھيون، بااثر زميندارن جا ناجائز ڪٽ وھايا پيا وڃن. ھنن گھر ڪئي تہ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن ۽ رھواسين کي پاڻي فراھم ڪري نقصان توڙي پريشاني کان بچايو وڃي. ٻئي طرف غلام الله ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن پاران ٺٽو/غلام الله روڊ تي ڌرڻو ھڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪندي آبادگارن اڳواڻن قادربخش ميمڻ، محمد درس،  ارباب کمن، گل ڪيھو، سجاد درس ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته فورن پاڻي جي کوٽ ختم ڪري کين نقصان کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو