جيئي سنڌ جي جهنڊي ۾ شاهه جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي، تعزيت جاري

مانجهند(رپورٽ مهراڻ عمراڻي)جديد قومپرست سياست جو باني رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو پڳدار فرزند امير حيدر شاهه جي گذريل ڏينهن تدفين بعد سندس پونئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. شاه حيدر سنائي جو 14 هون  گادي نشين  سيد امير حيدر شاھ  ڇاتي بلڊپريشر سميت مختلف بيمارين  ۾ ڪافي وقت کان  جهيڙيندي   89 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾  دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.  جنهن جي اطلاع تي سوڳ ۾َ سن مانجهند لاکا آمري  ۽ آسپاس جا شھر بند ٿي ويا سيد امير حيدر شاه جي  مڙھ کي وارث  ڪراچي کان سن کڻائي پهتا جتي سائين جي ايم سيد جي مزار جي سيراندي واري گرائونڊ ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

Photo Sindhyar

  جنازي نماز ۾ ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه سيد زين شاه  مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد شاه محمد شاه جسقم چئرمين صنعان خان قريشي جسقم آريسر جي اسلم خيرپوري جسقپ جي نواز خان زئنور جسم جي رياض چانڊيو جست جي شبير جمالي جسم جي آزاد قاضي جسقپ جي دودو ديشي روشن ٻرڙو سيد غلام شاه جگديش آھوجا سيد زمان شاه جيلاني سيد حسنين شاه ڊاڪٽر خادم قريشي امجد مهيسر الاهي بخش بڪڪ سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي شخصيتن سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ عوام شرڪت ڪئي  جنهن بعد مڙھ جي شاه حيدر سنائي جي اباڻي قبرستان ۾َ سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان تدفين ڪئي وئي.

Photo Sindhyar

سنڌ جي قومپرست سياستدان سائين  جي ايم .سيد( غلام مرتضيٰ )جو وڏو فرزند سيد امير حيدر شاهه سال 1933ع ۾ سن شهر ۾ پيدا ٿيو .ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ حاصل ڪيائين ۽ بعد ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان گڏ ڪجهه عرصو علامه آءِ .آءِ قاضيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ تعليم ورتائين .مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ  اعلي تعليم لاء  انگلينڊ ويو ان وقت سندس والد محترم سائين جي .ايم .سيد ،ون يونٽ جي .مخالفت سبب جيل ۾ هو امير حيدر شاهه ولايت مان اعليٰ تعليم مڪمل نه ڪري سگهيو ۽ حالتن سبب واپس موٽيو. وطن اچڻ تي پنهنجي زمين جي سنڀال ۽ زمينداري معاملن تي ڌيان ڏنو .سندس والد 1948ع ۾  پنهنجي جائداد ۽ زمينون ۽  پٽن ۽ ڌيئرن ۾ ورهائي ڇڏيون هيون ،ان ڪري امير حيدرشاهه پنهنجي حصي جي زمين ،جيڪا ڪوٽڙي ۽ سڪرنڊ تعلقن ۾ هئي ،سنڀالڻ لڳو.

Photo Sindhyar

هن ،سن ۽ آسپاس جي راڄن تي هٿ رکيو ۽ انهن جي راڄوڻي فيصلن ۾ حصو وٺندو رهيو راڄ جي ماڻھن جي فيصلن ڪرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو ته  فيصلي تي عمل ڪرائڻ به ڄاڻندو هو  .پنهنجن راڄن ۽ دوستن جو خيرخواهه سان گڏ  مهمان نوازي ، ته والد ۽ وڏن کان کيس ورثي ۾ مليل هيس . امير حيدر شاهه فڪري طرح اهل تشيع  سان واسطو رکندو هو .محرم الحرام جي مهيني ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي نالي تي نذر نياز ڪندو ۽ مجلسون  پڻ ڪرائيندو رهندو هو. جيتوڻيڪ سندس والد صوفي مزاج هو. سيد امير حيدر شاهه  سياسي ڪردار جي شروعات 1961ع کان ڪئي ،جڏهن هو سن يونين ڪائونسل جو چيئرمئن چونڊيو .هن چيئرمئن ٿيڻ شرط وس آھر ترقياتي ڪم ۽ صفائي جا بهترين انتظام ڪرايا .هن سن ۽ آسپاس آمري وغيره علائقي ۾ اسڪولن کولائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو .سن مڊل اسڪول( بعد ۾ هاءِ اسڪول )جي شاگردن جي مفت رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڀاءُ امداد محمد شاهه سان ٻانهن ٻيلي رهيو .1965ع ۾ دادو ضلع جي هڪ ئي تڪ جي   قومي اسيمبليءَ سيٽ تي ملڪ جي نامياري سياستدان مرحوم رئيس عبدالحميد جتوئي کي شڪست ڏئي ميمبر چونڊيو ويو .1990 جي دور ۾ سيد امير حيدرشاهه آزاد اميدوار طور سنڌ  صوبائي اسيمبليءَ جي سيوهڻ مانجهند تڪ تي اڳوڻي وزير اعلي سنڌ سيد عبدالله شاه کي شڪست ڏئي  ميمبر پڻ چونڊيو .هن قومي اسيمبليءَ توڙي سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڀرپور  آواز اُٿاريو علائقي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا سوين بي روزگارن نوجوانن کي سرڪاري ۽ نجي کاتن ۾ نوڪريون وٺي ڏنيون  .بعد ۾ هن سياست سان دلچسپي گهٽائي ڇڏي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ساڳئي تڪ تي  چونڊن ۾ پنهنجي ڀائٽي ۽ ناٺي سيد جلال محمود شاهه جي حمايت ڪندي پيپلزپارٽيءَ جي مضبوط اميداوار ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه کي سندس تڪ ۾ ٻيهر شڪست ڏياري ،جلال محمود شاهه کي ڪامياب ڪرايو  ،جيڪو اڳتي هلي سنڌ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر ۽ قائم مقام اسپيڪر پڻ  ٿيو.جنهن بعد مرحوم، شھيد بشير خان قريشي جي موجودگي ۾ جسقم ۾  ميمبر شپ فارم ڀري باقائده  شامل ٿيو هو سيد امير حيدر شاه جو تڏو سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي وڇايو ويو آھي جتي تعزيت جو سلسلو جاري آھي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سيد امير حيدر شاه ڪارڪنن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو سندس وڇوڙو وڏو خال آھي سيد جسقم جو ميمبر پڻ ھو. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سيد امير حيدر سائين جي ايم سيد جو پڳدار فرزند ۽ جسقم جو ميمبر طور گڏ رهيو ڪارڪنن لاء ڇپر ڇانوَ رهيو جنهن جو تمام گھڻو ڏک ۽ غم آھي. جسم سهتو جي آزاد قاضي چيو ته سيد امير حيدر سائين جي ايم سيد جو وڏو فرزند هئڻ سان گڏ سندس الڳ سڃاڻپ رهي ون يونٽ جي قهري دور ۾ سائين جي ايم سيد جي جيل ۾ ھئڻ تي سندس سوچ ۽ خيال بڻجي مغربي پاڪستان جي اسيمبلي ۾ سنڌ جي حقن لاء ڀرپور آواز اٿاريو نواب آف ڪالا باغ سندس وڏي عزت ڪندو هو . جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور چيو ته سائين جي ايم سيد جي وڏي پٽ سيد امير حيدر شاهه جو لاڏاڻو هڪ وڏي شخصيت جو لاڏاڻو آهي، جنهن سان سيد خاندان جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ڏک جي هن گھڙي ۾ سيد خاندان سان گڏ آهيون. هن چيو ته امير حيدر شاهه پنهنجي دؤر جو هڪ همٿ ڀريو ۽ بهادر انسان هو، جنهن سدائين سچ جي ڳالهه ڀير تي ڏؤنڪي جيان ڪئي. جيئي سنڌ قومي پارٽي کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿي. سنڌ هڪڙي بهادر انسان کان محروم ٿي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي. سورھيه سنڌي حاجي انور ڪرناڻي. قيوم ابڙو سائين جي ايم سيد جي پڳدار پٽ سيد امير حيدر شاهه جي وفات تي  ڳالهائيندي چيو ته سيد امير حيدر شاهه آخري دم تائين فڪر سيد سان سلهاڙيل رهيو، ھميشه قومي تحريڪ جو ڀرجهلو رهيو سندس وفات تي قومي تحريڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي. سيد امير حيدر شاه سوڳوارن ۾ پٽ سيد بدرالزمان شاه سيد علي رضا شاه سيد ظفر حيدر شاه ڀائيٽيا سيد جلال محمود شاه سيد ضياء الحق شاه سيد زين شاه پوٽا سيد منير حيدر شاه سيد غلام مرتضي شاه جونيئر 4 نياڻيون ڇڏيون جڏھن ته سندس گهرواري ۽ ٻه پٽ سيد احمد زمان شاه ۽ سيد يوسف شاهه سندس زندگي ۾ ئي وفات ڪري چڪا هئا. سيد امير حيدر شاه جي مڙھ جي تابوت کي جيئي سنڌ جي ڪهاڙي وارو جهنڊو ويڙھيو ويو جنازي ۾ شرڪت ڪندڙ جيئي سنڌ جي نعرن جي گونج ۾  جسد خاڪي کي سن ۾  والد سائين جي ايم سيد جي مزار ڀرسان دفن ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

سيد امير حيدر شاه جي لاڏاڻي تي ايس يو پي طرفان 5 ڏينهن جسقم بشير گروپ طرفان 3 ڏينهن جسقم آريسر طرفان 3 ڏينهن جسم سهتو 5 ڏينهن جسم رياض طرفان 5 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي پارٽي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. ڪراچي سينٽرل جيل ۾ بحريا ٽائون جي 6 جون واري ڪيس ۾ پاڻمردادو گرفتاري ڏيندڙ  ايس يو پي اڳواڻ ۽ سيد امير حيدر شاه جي ڀائٽي سيد زين شاه کي 3 ڏينهن جي پيرول تي آزاد ڪيو ويو جنهن سن پهچي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد 3 ڏھاڪا جيل ۾ رهيو ته سائين امير حيدر شاه علائقي راڄن قومي ڪارڪنن کي بهتر انداز ۾ سنڀاليو قومي صوبائي اسيمبلي جي ميمبري دوران سنڌ لاء ڀرپور آواز اٿاريو ترقياتي ڪمن ۾ حصو ورتو سندس وڇوڙي سبب هڪ خال پيدا ٿيو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو