سائفر ڪوڙ هو ته پي ٽي آءِ باني کي سزا ڇو ملي؟ گنڊاپور

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پاڻ فارم 47 وارو آهي هن سان چونڊ نتيجن واري معاملي تي ڇا ڳالهايان.ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته سائفر سازش هئي هاڻي به پنهنجي بيان تي بيٺا آهيون، غيرتمند پاڪستاني جي گهر ۾ مداخلت به ٿئي ته اِها سازش آهي.سندس چوڻ هو ته سائفر بابت ڊونلڊ لو جي بيان جي پاڪستاني سفير اسد مجيد تصديق ڪئي هئي.علي امين وڌيڪ چيو ته سائفر جيڪڏهن ڪوڙ هو ته پي ٽي آءِ باني کي سزا ڇو ڏني وئي، ملڪ جي اندر ڪنهن جي مداخلت برادشت نه ڪنداسين، ملڪ سان جيڪو تجربو ڪيو ويو ان عوام کي نقصان پهچايو.

پهنجو تبصرو موڪليو