زوب ۾ 4.8 شدت جو زلزلو

زوب(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي پر ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.زلزلي مرڪز موجب زلزلي جا لوڏا بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ محسوس ڪيا ويا، ان جو مرڪز ژوب کان 76 ڪلوميٽر اوڀر ۽ 37 ڪلوميٽر زير زمين هو.زلزلو صبح 8 لڳي 25 منٽن تي آيو، زلزلي جي جهٽڪن کانپوءِ ماڻهو گهرن ۽ دڪانن مان ڪلمه طيبه جو ورد ڪندا ٻاهر نڪري آيا.هن زلزلي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع ناهي ملي.گذريل هڪ هفتي دوران ڪوئيٽا سميت صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو